اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني کي سيڪيورٽي ڪمپني جي 10.32 ملين رپين جون رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب شاليمار رڪارڊنگ سيڪيورٽي خدمتن جي عيوض هڪ ڪمپني کي 10.32 ملين رپين جون رهتون ادا ڪرڻيون هيون، شاليمار رڪارڊنگ مالي بحران جي ڪري رقم ادا ڪرڻ کان معذوري ظاهر ڪئي هئي. صدر چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت جو سيڪريٽري سال جي اندر ماهوار قسطن ۾ رهتن جي ادائيگي کي يقيني بڻائي، جيڪڏهن ضروري هجي ته سڌ سماءَ واري وزارت جو سيڪريٽري 6 مهينن جي اندر مجاز فورم کان منظوري وٺي.