صدر عارف علوي اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن وارو بل بنا صحيح جي واپس ڪري ڇڏيو

0
304
صدر عارف علوي اسلام آباد

اسلام آباد: صدر عارف علوي اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن وارو بل بنا صحيح جي واپس ڪري ڇڏيو، ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بل ان ڪري واپس ڪيو ويو آهي جو ان سان مڪاني چونڊن ۾ وڌيڪ دير ٿي ويندي

ايوان صدر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت جي اُٻـَهرائي ۾ کنيل قدمن سبب مڪاني چونڊون ٻه ڀيرا دير جو شڪار ٿيون آهن، صدر عارف علوي جو چوڻ آهي ته حڪومت جي بدنيتي سبب اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون نه ٿي سگهيون

بيان موجب 50 يونين ڪائونسلز جي تڪبندين کانپوءِ اليڪشن ڪميشن 31 جولاءِ تي مڪاني چونڊن جو اعلان ڪيو، پولنگ جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ باوجود وفاقي حڪومت يونين ڪائونسلز جو انگ وڌائي 101 ڪري ڇڏيو، يوسيز جو انگ وڌائڻ سبب مڪاني چونڊون ملتوي ٿي ويون

صدر عارف علوي چيو ته بلدياتي قانون ۾ ترميم واري بل موجب هاڻي يونين ڪائونسلز جو انگ وڌائي 125 ڪيو ويو آهي، يوسيز جوانگ وڌائڻ سبب مڪاني چونڊون ٻيهر رولڙي جو شڪار ٿيون

هي به پڙهندا

اسلام آباد ۾ سڀاڻي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم