صدرجي ڀٽيون ( ن پ ا) صدرجي ڀٽيون ۾ 14 ورهين جي سائره ڌيءُ مور ملاح کي برادري جي ماڻهن پاران مبينا ڪاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ناري دانهيندي ٻڌايو ته رپڙي ۾ رهندڙ برادري جي ماڻهن جمن، علي گوهر، بابر علي، مهردل ۽ ٻين بيگناهه مون مٿان شيخ برادري جي نوجوان عامر قلندر بخش شيخ سان ڪارنهن جي تهمت هڻي قتل ڪرڻ چاهين ٿا ڄاڻايل ماڻهن مان زندگي کي خطرو آهي. ان حوالي سان ناري سائره ملاح ايس ايس پي خيرپور ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته تحفظ ڏئي برادري جي انهن ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪري زندگي بچائي وڃي.