صدرجي ڀٽيون (ن پ ا) صدرجي ڀٽيون جي پيرسن عورت پٺاڻي ملاح صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته بااثر وڏيري الهورائي ملاح ۽ سندس پٽ زاهد گهر ۾ گهڙي منهنجي ذهني معذور پيرسن مڙس لال بخش ملاح کي گهليندي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻايو. جنهن جي فرياد عبدالرحمن انڙ ٿاڻي تي کڻي پهتاسين ته ايس ايچ او وڏيري جي ونگار وهندي زخمي مڙس سميت ٻن پٽن کي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو آهي، وڏيري ۽ ونگار وهندڙ ايس ايچ او خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي