اجتماعي ڏاڍائي بعد قتل ٿيل مونيڪا لاڙڪ جي وارثن کي انصاف نه مليو

0
332
صدر جي ڀٽيون: اجتماعي ڏاڍائي بعد قتل ٿيل مونيڪا لاڙڪ جي وارثن کي انصاف نه مليو
صدر جي ڀٽيون: اجتماعي ڏاڍائي بعد قتل ٿيل مونيڪا لاڙڪ جي وارثن کي انصاف نه مليو

صدر جي ڀٽيون (رپورٽر) صدر جي ڀٽيون ۾ اجتماعي ڏاڍائي بعد قتل ٿيل مونيڪا لاڙڪ جي وارثن کي انصاف نه مليو، اڍائي سال اڳ هادل شاهه ۾ اجتماعي ڏاڍائي بعد قتل ٿيل معصوم مونيڪا لاڙڪ جا وارث انصاف لاءِ دربدر بڻيل آهن

نينگري مونيڪا لاڙڪ جي والد شبير لاڙڪ جو چوڻ آهي ته مک جوابدار عبدالله لاڙڪ ۽ سندس  پيءُ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ عدالت ۾  به ڌمڪائي رهيا آهن، جوابدار عبدالله  لاڙڪ گذريل حاضريءَ تي عدالت جي احاطي ۾ لتون هنيون

نينگري جي والد جو وڌيڪ چوڻ هو ته عدالتي حڪم باوجود جي آءِ ٽي نه  جڙي، اڳ ئي چيو هو ته جوابدار طاقتورآهن، نياڻيءَ جو خون لڙهي ويندو، اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

مونيڪا لاڙڪ قتل ڪيس: ٻن جوابدارن جي ڊي اين اي ميچ