صدر جو عمران کي سرپرائيز: نواز ۽ جهانگير ترين لاءِ نئون دڳ کُلي ويو

0
314
صدر جو عمران کي سرپرائيز
صدر جو عمران کي سرپرائيز: نواز ۽ جهانگير ترين لاءِ نئون دڳ کُلي ويو

نوازشريف ۽ جهانگير ترين کي پنهنجي خلاف فيصلن تي نظرثاني درخواستون داخل ڪرائڻ جو حق ملي ويو

نوازشريف ۽ جهانگير ترين کي پنهنجي خلاف فيصلن تي نظرثاني درخواستون داخل ڪرائڻ جو حق ملي ويو

صدر عارف علوي جي صحيح کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي نظرثاني وارو بل 2023 قانون بڻجي ويو

 نئين قانون تحت اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ جهانگير ترين پنهنجي خلاف آيل فيصلن تي نظرثاني جون درخواستون داخل ڪرائي سگهندا

حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪٽر عارف علوي 26 مئي تي جمعي ڏينهن بل تي صحيح ڪئي هئي

صدر جي صحيح بعد سپريم ڪورٽ رِويُو آف ججمينٽس اينڊ آرڊر بل 2023 قانون بڻجي ويو

بل موجب آرٽيڪل 184 ٿري تحت ڏنل فيصلن جا متاثر نظرثاني درخواستون داخل ڪرائي سگهندا

نظرثاني درخواست نئين قانون جي نفاذ کانپوءِ 60 ڏينهن اندر داخل ڪرائي سگهبي

سپريم ڪورٽ 28 جولاءِ 2017 تي نواز شريف کي پاناما ليڪس ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي نااهل قرار ڏنو هو

سپريم ڪورٽ پاران جهانگير ترين کي به آئين جي آرٽيڪل 62 تحت نااهل قرار ڏنو ويو هو

جهانگير ترين تي زرعي آمدني ۽ آف شور اثاثا لڪائڻ سميت مختلف الزام هئا