اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم جيڪو به آرمي چيف مقرر ڪندو اسان ان جو ساٿ ڏينداسين، عمران پاران لانگ مارچ جو انهن تاريخن ۾ اعلان جو مقصد مقرري کي تڪراري بڻائڻ آهي، جيڪڏهن صدر گڙٻڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جا کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا، عمران خان جي فيس سيونگ چاهي ٿو ته پهريان لانگ مارچ ختم ڪري پوءِ ڳالهيون ڪري، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عمران خان جو ڪرڪيٽر کان وٺي سليڪٽ ٿيڻ جو سفر  سڀني جي سامهون آهي، عمران خان کي ملڪ تي مسلط ڪيو ويو، گذريل چئن سالن ۾ پرڏيهي پاليسي ۽ پاڪستان کي نقصان پهچايو ويو جنهن جو سڄو بار پاڪستاني عوام برداشت ڪري رهيو آهي، هن چيو ته روس، يوڪرين جنگ سان پوري دنيا کي معاشي تباهي جو منهن ڏسڻو پيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم جي فيصلن سبب ايترو نقصان پهچايو ويو جو ملڪ ڊفالٽ جي خطري ۾ آهي، وچ اوڀر، يورپ کان وٺي آمريڪا تائين تعقلقات کي نقصان پهچايو ويو، بلاول چيو ته عمران خان جي نام نهاد لانگ مارچ جو ڪو جمهوري مقصد ناهي، عمران خان  پوري سياست غير جمهوري قوتن جي ڪلهن تي ڪئي، هڪ شخص جي انا سبب ملڪ کي نقصان  پهچايو ويو، هن چيو ته خان صاحب ۽ انهن سڀني قوتن کي پيغام ڏيان ٿو ته هاڻي هي راند کيڏڻ بند ڪيو، پاڪستان جو عوام اها راند برداشت نه ٿو ڪري سگهي، پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن حقيقي آزادي جو مقصد جمهوريت آهي ته هن ئي هفتي ۾  لانگ مارچ   ڇو ڪيو پيو وڃي؟، لانگ مارچ لاءِ پنڊي کي ڇو چونڊيو ويو؟، خان صاحب جو مقصد آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ سان راند کيڏي وڃي، سياست، احتجاج ڪرڻ عمران خان جو حق آهي پر هن مقرري کي آئيني ۽ قانوني طريقي سان مڪمل ٿيڻ ڏيو پوءِ سو بسم الله، جيڪڏهن هن هفتي پنڊي ۾ تماشو ڪندا ته پوءِ سڀ ڄاڻن ٿا ته توهان جو مقصد ڇا آهي، پهريان به ۽ هاڻ به ان سازش کي ناڪام بڻائينداسين، پرڏيهي وزير عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي درخواست ڪيون ٿا ته اهڙي سياست کان پاسو ڪيو جيستائين اهڙا رانديڪا رهندا ته پوءِ ملڪ کي اهڙي طرح نقصان ٿيندو رهندو، توهان هڪ آئيني عمل کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، هن چيو ته عمران خان هڪ دفعو ٻيهر ملڪ جي قسمت سان کيڏي رهيو آهي، ڪوئي حقيقي آزادي جو نعرو ۽ ڪوئي گهڙي سامهون آڻي رهيو آهي، خان صاحب کي اپيل ڪيان ٿو ته هوش کان ڪم وٺي، هڪ هفتو مارچ کي اڳتي وڌائي، آرمي چيف جي مقرري جوا ختيار وزيراعظم جو آهي، وزيراعظم جيڪو به آرمي چيف مقرر ڪندو اسان ان کي سپورٽ ڪنداسين، جيڪڏهن جمهوريت کي نقصان پهچندو ته خان صاحب کي نه غير جمهوري قوتن کي ان جو فائدو پهچندو، بلاول چيو ته صدر عارف علوي وٽ آخري موقعو آهي اميد آهي ته اهو قانون مطابق هلندو، جيڪڏهن صدر گڙ ٻڙ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، پ پ چيئرمين چيو ته ٻوڏ سبب صرف ضلعن ۾ يوم تاسيس ملهائينداسين، اسان جي ترجيح ٻوڏ متاثر آهن، هن چيو ته روس کان ڪڻڪ ۽ تيل عالمي مارڪيٽ ريٽ مطابق خريد لاء ملي رهيا آھن.