صدرجي ڀٽيون (ن پ ا) هڪ هفتو اڳ صدرجي ڀٽيون لڳ مٿي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل نئو ديرو واسي نوجوان جو ڪيس چاچي ۽ سئوٽن مٿان داخل، ان ڏس ۾  هفتو اڳ صدرجي ڀٽيون لڳ دڙو موڙ وٽ مٿي ۾ گوليون لڳل نئوديرو جي غريب آباد محلي جي نوجوان منصور ڪلهوڙو جو لاش هٿ آيو هو، جنهن جي امڙ مسمات سڪندر خاتون عبدالرحمان انڙ ايٽ صدرجي ڀٽيون ٿاڻي تي پهچي پنهنجي ڏير منظور ڪلهوڙو ۽ سندس ٻن پٽن وسيم ۽ وقار ڪلهوڙو مٿان قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، مقتول جي امڙ جو چوڻ هو ته پٽ کي چاچو منظور ڪلهوڙو ۽ سندس پٽ وسيم ۽ وقار خيرپور ويجهو شادي شهيد جي درگاهه تي گهمائڻ وٺڻ بهاني کيس انتهائي بيدردي سان مٿي ۽ سيني ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو.