اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي، وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ٻين ترڪي ۾ دهشتگردي جي واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دهشتگردي سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آهي، ترڪ حڪومت ۽ عوام سان دهشتگردي جي هن واقعي خلاف گڏ بيٺل آهيون، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي بيحد افسوس آهي، زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان، هر طرح جي دهشتگردي قابل مذمت آهي، هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عالمي دنيا کي دهشتگردي ۽ شدت پسندي جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا، معصوم انسانن تي حملا ڪندڙ ناقابل معافي آهن.