ڪراچي (شوبز نيوز) سنڌ جي صدا ملوڪ اداڪار محمد حسين قادري جي وڇوڙي کي 2 سال مڪمل، اڄ سندس ٻي ورسي سادگي سان ملهائي ويندي. سنڌ جو ناليوارو اداڪار محمد حسين قادري 6 اپريل 2019ع ۾ دل بيهڻ سبب هميشه لاءِ هي جهان ڇڏي ويو هو، لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺندڙ محمد حسين قادري ريڊيو حيدرآباد تان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، حسين قادري پنهنجي حياتي ۾ ڪيترائي لازوال ڊراما ڪيا، حسين قادري جن به ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، انهن کي بي مثال بڻائي ڇڏيو، محمد حسين قادري پي ٽي وي کان ويندي ڪيترن کي نجي ٽي وي چيلنجز جي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، حسين قادري جا ڪيترائي ڊراما اڄ به پرستارن جي ذهنن تي ڇانيل آهن، محمد حسين قادري آرٽ جي دنيا ۾ نالو ڪمائڻ سان گڏ فقيري صفت سان ذاتي زندگي ۾ به بي پناهه محبتون ماڻيون. ناليواري اداڪار محمد حسين قادري جي فرزند فرقان حيدر قادري پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته والد جي وڇوري کي 2 سال گذري ويا آهن پر هو اسان گهرڀاتين سميت پرستارن جي دلين ۾ اڄ به زنده آهي، بابا پنهنجي فن ۽ ڪردار سبب لکين دلين ۾ زنده آهي ۽ رهندو، هن پنهنجي حياتي جا 42 ورهيه فن کي ارپي ڇڏيا، محمد حسين قادري جي فرزند فرقان حيدر ٻڌايو ته ڪورونا وائرس سبب بابا جي ٻئي ورسي جون تقريبون نه ٿينديون، سندس ورسي گهر اندر سادگي سان ملهائينداسين ۽ هڪ عظيم ڪلاڪار کي ڀيٽا پيش ڪنداسين.