اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي حمايت ڪندڙ  نجي ٽي وي چينل دعويٰ ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل فيصلي ۽ صحيح ڪيل فيصلي ۾ فرق آهي. رپورٽ موجب ٻنهي فيصلن ۾ هڪ سٽ جو فرق آهي. جيڪو فيصلو صحيح سان جاري ڪيو ويو آهي ان ۾ اهو لکيل ناهي ته هي فيصلو حڪومت ڏانهن اماڻيو وڃي.