صحت کاتي ۽ وئڪسينيٽرز ۾ تڪرار: ٻارن کي ٽُڪا لڳائڻ واري مهم رُلي وئي

0
406

ڪراچي (نمائندن وٽان) صحت کاتي ۽ وئڪسينيٽرز ۾ تڪرار ٻارن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ ٽُڪا لڳائڻ واري مهم کي رولي ڇڏيو، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ وئڪسينيٽرز طرفان مطالبن جي مڃتاء لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال توڙي احتجاج جاري، مختلف شهرن ۾ سرڪاري اسپتالن ۽ بي ايڇ يوز ۾ وئڪسينيٽرز ٻارن کي وئڪسين لڳائڻ واري مهم بند، والدين پنهنجي ٻارن کي بيمارين کان بچائڻ بابت ُٽڪا لڳرائڻ لاءِ دربدر، اسپتالن ۾ ٻارن کي ٽي بي، ارڙي ۽ جهٽڪن سوڌو ٻين بيمارين کان بچائڻ لاءِ ٽُڪا لڳايا ويندا آهن، احتجاج ڪندڙ وئڪسينيٽرز طرفان گريڊز ۽ پگهار وڌائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.