ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو پنجين ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، او پي ڊيز جو بائيڪاٽ، مظاهرا، ڌررڻا، اڳواڻن چيو آهي ته مطالبا پورا نه ٿيا ته سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، خبر موجب ڪراچي ۾ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ايمپلائيز ايڪشن ڪاميٽي پاران جناح اسپتال، سول اسپتال، قطر جنرل اسپتال ۽ ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري حسن پٺاڻ، امير ديناري، ڊاڪٽر ڪليم کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جناح اسپتال ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو، حيدرآباد ۾ صحت کاتي جي ملازمن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر روشن چانڊيو، محمد علي ملڪ، شريف پالاري، گلناز، بشير خاصخيلي، حماد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪيو، شهر جي سول اسپتال، سروسز اسپتال، ڀٽائي اسپتال، قاسم آباد ۽ پريٽ آباد اسپتال سميت ٻين صحت مرڪزن ۾ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ نرسنگ اسٽاف جي هڙتال سبب او پي ڊيز بند رهيون، ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل عملي، نرسز اسٽاف ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر ليکراج راٺوڙ،  ڊاڪٽر ماجد پٺاڻ، اعجاز ڪانھيو، رياض سومرو، شاھنواز ڪانگريس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ٺٽو سول اسپتال ۾ ملازمن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري حاجي اسد خشڪ، حاجي ابراھيم سميجو، منظور چانڊيو، معشوق پنھور، لياقت عباسي، علي ڏنو خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، دادو سول اسپتال ۾ ملازمن او پي ڊي، ٻارن جي وارڊ، ميڊيڪل، سرجيڪل وارڊن جي تالا ڪري راجا رفيق پنهور، ڊاڪٽر احسان پنهور، نثار احمد لاشاري ۽ امتياز چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، گهوٽڪي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف اورنگزيب مهر، عزير خواجا، عثمان گبول، لعل چند لنڊ، راج ڪمار، ياسمين سليم، ساجدهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، خيرپور سول اسپتال جي ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل ۽ نرسنگ اسٽاف ڊاڪٽر حنيف ميمڻ، ياسر ويسر، عبدالحڪيم جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪنڌڪوٽ ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪشمور ۾ ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي احتجاجي مظاهرو ڪيو، قمبر ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو، ٽنڊو محمد خان جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ليڊي ڊاڪٽرن ۽ نرسز او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر روھت ڪمار، ڊاڪٽر محمد علي ميمڻ، عمر ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، تنگواڻي ۾پيراميڊيڪل اسٽاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو، ميروخان ۾ پيرا ميديڪل اسٽاف ارشد پتوجو، ڊاڪٽر اسماعيل لاشاري جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، سيوھڻ اسپتال ۾ ملازمن شاھزيب شاهه، زبير احمد، محمد بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ڪيٽي بندر اسپتال ۾ ملازمن ٽوڪن ھڙتال ڪري ڊاڪٽر پرويز وڳڻ، حبيب الله اوٺو، ڊاڪٽر فاروق سمون، فياض ميمڻ ۽ عثمان خاصخيلي جي اڳواڻي۾ احتجاج ڪيو، بڪيرا شريف ۾ اسپتال عملي ۽ ڊاڪٽرن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر ماڻڪ فراز، ڊاڪٽر ديارام، سومار جروار، سعود جروار ۽ رام چند جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ڏيئي ۾ ملازمن ڊاڪٽر جيوت رام، غلام ڪبريا چانگ، راشد آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ميھڙ ۾ ڊاڪٽرن، ليڊي ھيلٿ ورڪرز مختيار کوسو، ڊاڪٽر امام الدين کوسو، محمد اعظم پنھور، خان محمد کوسو شبانا کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، شاهپور جهانيان ۾ ملازمن نور محمد پرهياڙ، ڊاڪٽر صفيا نور، ابراهيم لاکو، اسماعيل ملاح، ذوالفقار ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڇاڇرو ويجهو مبارڪ رند ۾ ملازمن آنند ڪمار، دليپ ڪمار، سائينداد سميجو ۽ ٻين بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو، دولتپور صفن ۾ ملازمن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري زاھد آرائين، ڊاڪٽر مدد علي رانجهاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٽنڊو آدم ۾ ملازمن مٺل پڃارو، ڪانڊيرو راهو، مبارڪ خاصخيلي، ڊاڪٽر امام علي، ڊاڪٽر شهنيلا ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪنڊيارو ۾ ملازمن ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر، سيد شبير شاهه، عقيل اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، روهڙي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف عبدالستار ميراڻي، ڊاڪٽر سڪندر مھر، ڊاڪٽر جھانزيب جتوئي، شوڪت شنباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت پاران رسڪ الائونس بند ڪري صحت کاتي جي ملازمن سان وڏي زيادتي ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته سنڌ حڪومت ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته رسڪ الائونس ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ مڪمل او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صحت واري صوبائيوزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو  سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن جي اوپي ڊيز جي بائيڪاٽ جو نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا وائرس پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي. انهي ڪري  ڪورونا رسڪ الائونس کي مستقل نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان اوپي ڊي جو بائڪاٽ ڪندڙ پيراميڊيڪوز کي شوڪاز جاري ڪري ڇڏيا آهن، کين 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏجي ٿو ته اهي پنهنجن ڊيوٽين تي پهچن،  ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل عملي اوپي ڊي جو بائڪاٽ جاري رکيو ته کين گهر ڀيڙو ڪري نوان ڊاڪٽرز ڀرتي ڪيا ويندا.