صحت کاتي جي ملازمن عيد ڪورونا سينٽر تي ملهائي

0
156

مٽياري (ن پ ا) ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضيٰ علي شاهه ڪورونا جي وئڪسين سينٽر تي پهتو، عيد دوران ڪورونا وئڪسين سينٽر تي ڊيوٽي ڪندڙ عملي کي اجرڪن جا تحفا ڏنا، مٺائي کارائي، ڊي سي جو چوڻ ھو تھ عيد سڀ پنهجن سان ملهائي رهيا آهن ۽ صحت کاتي جا ملازم ڪورونا سان ويڙهه ڪرڻ لاءِ سينٽرن تي موجوده آهن، جن سان خاص عيد ملڻ لاءِ آيا آهيون، ضلعي جي ٽنهي تعلقن هالا، نيوسعيدآباد ۽ مٽياري ۾ ڪورونا جا سينٽر کليل آهن، ڊي سي عوام به عيد دوران ايس او پيز تي عمل ڪري ۽ وئڪسين پڻ ڪرائي وڃي.