ڪراچي:سنڌ جي چيف سيڪريٽري چيو آهي ته صحت کاتي پاران جواب داخل ڪرائڻ ۾ دير  تان غفلت ڪندڙ سيڪشن آفيسر مظفر سميت چئن آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صحت واري سيڪريٽري کي به نوٽيس جاري ڪري صورتحال جي وضاحت لاءِ جواب طلب ڪيو ويو آهي، عدالت پاران مارچ کان جاري ڪيل نوٽيس بابت  بروقت آگاهي نه ڏني وئي،  جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل آفيس طرفان صحت کاتي کي ٻه خاص خط پڻ لکيا ويا، عدالت چيف سيڪريٽري جي انهي قدم جي واکاڻ ڪندي حڪم ڏنو ته جوابن جي فراهميءَ  کي يقيني بڻايو وڃي.