صحت کاتي جا شاهاڻا خرچ : رڳو جهازن جي سفر ۽ پيٽرول مد ۾ 2 ڪروڙ خرچ ڪرڻ جو انڪشاف

0
157
صحت کاتي جا شاهاڻا خرچ

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ صحت کاتي جا شاهاڻه خرچ، سفري ۽ اسپيشل سفري الائونس تي 22 لک، جهاز جي سفر ۽ پيٽرول جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 88 لک رپيا خرچ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ  صحت کاتي جي سيڪريٽريٽ ۾ هلندڙ مالي سال 2021_22  دوران اختيارين پاران دل کولي خرچ ڪيو ويو آهي، “پنهنجي اخبار” کي مليل دستاويزي ثبوتن موجب صحت کاتي جي سيڪريٽريٽ ۾ اختيارين پاران ڪميونيڪيشن جي مد ۾ 55 لک 6 هزار، سفري الائونس جي مد ۾ 18 لک، اسپيشل سفري الائونس جي مد ۾ 4 لک 56 هزار رپيا، پيٽرول ۽ جهاز تي سفر جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 88 لک 94 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا

اسٽيشنري خريداري جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 78 لک 33 هزار 920 رپيا، پرنٽنگ اينڊ پبليڪيشن جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 27 لک رپيا، اخبارن جي خريداري جي مد ۾ 6 لک 75 هزار روپيا، مختلف خرچن جو جواز ڄاڻائي 3 ڪروڙ 23 لک 34 هزار رپيا، ٽرانسپورٽ جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 94 لک 56 هزار، مشنري ۽ ٻئي سامان جي خريداري جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 94 لک 72 هزار رپيا، فرنيچر خريداري جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 57 لک 16 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا، فرنيچر خريداري جي مد ۾ مختص ٿيل رقم مان خزاني ۾ رڳو 515 روپيا بچت ظاهر ڪئي وئي

سيڪريٽريٽ  ۾ پوسٽ ۽ ٽيليگرام تي خرچ جي مد ۾ 8 لک 82 هزار رپيا ۽ ٽيليفون جي استعمال جي مد ۾ 9 لک 5 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا، واضح رهي ته ڪوريئر ۽ پائلٽ سروس جي مد ۾ 11 لک 3 هزار رپيا، گيس استعمال جي مد ۾ 6 لک 75 هزار ۽ پاڻي جي مد ۾ 3 لک 39 هزار رپيا مختص ٿيل هئا، جن مان هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته موبائل فون استعمال جي مد ۾ وري هڪ رپيو به  رکيل به هو، انهي باوجود هڪ هزار رپيا موبائل فون استعمال جي مد ۾ خرچ ڪيا ويا