ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صحت کاتي ۾ انڌير نگري، صوبائي سيڪريٽري جي منظوري بنا  موڪلن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪندڙ اسسٽنٽ کي هٽايو ويو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب صحت کاتي جي سيڪريٽريٽ ۾ صوبائي سيڪريٽري جي اجازت بنا ماتحت ملازمن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ وارو اسڪينڊل سامهون آيو آهي، ذريعن موجب 16هين گريڊ جي اسسٽنٽ ٻلديو سنگھه سوڍو صوبائي سيڪريٽري جي منظوري بنا ٿرپارڪر جي هڪ ملازم کي ٻن سالن جي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، اهڙو معاملو سامهون اچڻ بعد صوبائي سيڪريٽري ذوالفقار شاھه  ڊپٽي سيڪريٽري (ايڊمن) رياض جکراڻي ذريعي جاچ ڪرائي هئي، رپورٽ اچڻ بعد ٻلديو سنگهه کي هٽائي سندس خدمتون سروسز کاتي کي واپس ڪيون ويون،