صحبت پور ۾ پاڻي جي تلاءُ ۾ 3 ٻارڙا ٻڏي ويا

0
316

صحبتپور (ڊيسڪ رپورٽ) بلوچستان جي علائقي صحبت پور جي گل ٽائون ۾ پاڻي جي تلاءُ ۾ 3 ٻارڙا ٻڏي ويا، ڳوٺاڻن ٽنهي ٻارڙن کي تلاءُ مان بيهوشي واري حالت ڪڍي سول اسپتال صحبت پور کڻائي ويا، جتي ڊاڪٽرن 11 سالن جي نينگر عامر شيخ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته 2 ٻارڙا بيهوشي واري حالت ۾ آهن، جن جو علاج جاري آهي، ٻڏي فوت ٿيل نينگر عامر شيخ جيڪب آباد جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو مائٽن وٽ گهمڻ آيو هو، نينگر جي فوت ٿيڻ جو اطلاع گهر ڀاتين کي ملڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.