باھو کوسو (ن پ ا) صحبت پور جي سٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالمجيد ڪٽوھر ڀرسان ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب  نوجوان وسيم ڪٽوھر پنھنجي پڦين، ٻن ڀينرن صدرا خاتون، گلنساءِ ان جو پٽ 7 ورھين جو مظفر صحبت پور شادي جو سامان وٺڻ وڃي رھيا ھئا ته حادثو ٿيو. موٽرسائيڪل سوار گھوٽ وسيم ڪٽوھر، سندس ٻه ڀينر صدرا خاتون، گلنساءِ خاتون ڪٽوھر جو پٽ 7 ورھين جو مظفر ٿڏي تي ئي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا،گلنساءِ خاتون ڪٽوھر زخمي ٿي پئي، پوليس مڙھ ۽ زخمين کي سول اسپتال صحبت پور منتقل ڪيو، لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، زخمي عورت گلنساءِ جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ريفر ڪيو ويو، جتي ھوءَ رستي ۾ شڪارپور وٽ زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، پوليس ٽرڪ کي ٿاڻي تي آڻي بيھاري ڇڏيو، واقعي بعد علائقي ۾ ڏک جي لھر ڇائنجي وئي، شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.  ھوڏانھن ھڪ ئي گھر جي 4 ڀاتين جي جنازي نماز ڳوٺ عبدالمجيد ڪٽوھر ۾ ادا ڪئي وئي، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن، مائٽن، پاڙيسرين سميت وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي، سڀني کي سوين آلين الين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.