ٽنڊو ڄام (ن پ ا) ٽنڊوڄام ۽ ان جي پسگردائي ۾ گيسٽرو جي مرض تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي. ٻئي پاسي  رورل هيلٿ سينٽر ۾ گيسٽرو لاءِ ٺاهيل وارڊ پڻ مريضن سان ڀرجي ويو آهي، جنهن بعد هيلٿ کاتي پاران هڪ وڌيڪ  وارڊ قائم ڪيا ويو آهي. هوڏانهن ڊي ايم پي پي ايڇ آئي رِدا ٽالپر گيسٽرو مريضن جا انگ اکر لڪائيندي صحافين کي انگ اکر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته صحافي وڌائي انگ اکر پيش ڪن ٿا، هن چيو ته صحافي ڊائريا کي گيسٽرو ڪري ٿا هلائين.