اسلام آباد(م ڊ) گهٽ وڌ ڳالهائڻ تي سينئرصحافي سليم صافي پي ٽي آءِ اڳواڻ قاسم سوري خلاف ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي کي درخواست ڏئي ڇڏي. نجي ٽي وي موجب قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري سينئر صحافي سليم صافي خلاف گٿا لفظ لکي ٽوئيٽ ڪئي جنهن تي سليم صافي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. هن قاسم سوري خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. هن لکيو ته قاسم سوري ٽوئٽر تي گٿا لفظ استعمال ڪيا، ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.