جيڪب آباد/ تنگواڻي (نمائندن وٽان)  ڪنڌڪوٽ جي صحافي لياقت کوسو کي ايم پي اي عابد سندراڻي پاران ھراسان ۽ جيڪب آباد جي صحافي عبدالرحمٰن آفريدي کي جمس ڊائريڪٽر پاران ڌمڪيون ڏيڻ خلاف جيڪب آباد ۾پرويز ابڙو، بابو حيدر مگسي۽ عبدالغني کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيوو يو. هوڏانهن تنگواڻي ۾ صحافين عطاءُ الرحمان ملڪ، لطف سنڌي، سائين بخش باجڪاڻي احتجاج ڪيو. ٻئي طرف گڊو ۾ پريس ڪلب صدر محمد علي ڪلوڙ ،الهبچايو شيخ، شفقت ڀيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.اڳواڻن جو چوڻ هو ته حق ۽ سچ لکندڙ صحافين کي بااثر ۽ ڪامورا هراسان ڪن ٿا.