اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ صحافين کي حراسان ڪرڻ جي خلاف آئيني درخواست 3 رڪني بينچ آڏو ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، ذريعن مطابق وقتي چيف جسٽس عمر عطا بنديال صحافين کي حراسان ڪرڻ خلاف درخواست 30 آگسٽ تي سومر ڏينهن ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي، درخواست تي ٻڌڻي جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس قاضي امين ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ ڪندو، واضح رهي ته وقتي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ 20 آگسٽ تي ٻه رڪني بينچ پاران ورتل پاڻمرادو نوٽيس ڪيس خارج ڪري ڇڏيو هو، پر 5 رڪني لارجر بينچ 26 آگسٽ تي پنهنجي فيصلي ۾ اها خاطري ڪرائي هئي ته صحافين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪرڻ لاءِ مامرو چيف جسٽس کي اماڻيون ٿا، 5 رڪني لارجر بينچ پاران مامرو چيف جسٽس کي موڪلڻ کان پوءِ وقتي چيف جسٽس ان تي بينچ جوڙي ڇڏي آهي.


































