ڪراچي (نمائندن وٽان) حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ پاران 3 مئي صحافت جو عالمي ڏينهن سنڌ جي شهيد صحافين جي نانءُ ڪري پريس ڪلب سامهون شهيد صحافين جي تصويرن آڏو گل رکي ڏيئا ٻاري کين ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي ايڇ يو جي، جي صدر جئه پرڪاش موراڻي، جنرل سيڪريٽري جاني خاصخيلي، حيدرآباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اقبال ملاح، خزانچي ڄام فريد لاکو ۽ ٻين سنڌ جي شهيد صحافين جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري گلن جي ورکا ڪري کين ڀيٽا ۽ سرخ سلام پيش ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 3 مئي صحافت جو عالمي ڏهاڙو سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. هن ڏهاڙي تي اسان پنهنجي شهيد صحافين کي ڀيٽا ۽ سرخ سلام پيش ڪيو آهي. انهن جون قربانيون اظهار راءِ جي آزاديءَ جي راهه ۾ ڏنل قربانيون آهن. باهو کوسو ۾ شهيد صحافي نور حسن لنجواڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مبارڪ بليدي، شاڪر کوسو، نياز بنگلاڻي، ساگر باسط مرهيٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي.ميهڙ۾ 3مئي تي صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ پريس ڪلب ۾هڪ تقريب ٿي گذري جنهن تقريب ۾ سنڌ پريس ڪلب ميهڙ جي باني الاهي بخش چانڊيو شرڪت ڪئي. عزيز ميمڻ، اجي لالواڻي، امير بخش بروھي ۽ ٻين صحافين جي ناحق خون سان انصاف ڪيو وڃي . سنڌڙي ۾ صحافين جي قاتلن جي گرفتاري ۽ قلم ڌڻين تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف عزيز ساگر، اسد شر، منظور احمد، شاھجھان شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ۾ تقريب شهيد صحافتي اجه لالواڻي جون تصويرن گل رکي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ ملڪ ۽ سنڌ جي شهيد صحافين جي مغفرت لاء دعا پڻ گهري وئي، تقريب ۾ پريس ڪلب جي صدر عرفان برفت، شريف ابڙو، ربنواز ابڙو، مير مرتضي نوحاڻي، صدر جوڻيجو، شرڪت ڪئي.