لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا صبور علي اداڪار علي انصاري کي پنهنجو شريڪ حيات چونڊي ورتو.صبور علي سوشل ميڊيا تي علي انصاري سان گڏ هڪ تصوير جاري ڪندي لکيو ته ڳالهه پڪي، اسان جي فيملي جي نيڪ خواهشن سان مان هڪ حيرت انگيز شخص سان زندگي جو نئون سفر شروع ڪري رهي آهي الحمدالله.ان موقعي تي علي انصاري به چُپ نه رهيو ۽ هن به سوشل ميڊيا تي صبور علي سان گڏ تصوير جاري ڪئي ۽ لکيو ته ڳالهه پڪي، هن وقت منهنجا مليل جليل جذبات آهن پر سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته مان خوش آهيان.هن صبور علي کي مخاطب ٿيندي لکيو ته هاڻ زندگي ۾ توهان کي ڪڏهن ڪو سفر اڪيلي سر نه ڪرڻو پوندو.