صبور علي رنگ اڇو ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون انجيڪشنز لڳرايون؟

0
640
صبور علي رنگ اڇو ڪرڻ

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا صبور علي بابت سوشل ميڊيا تي بحث جاري هو ته هوءَ خوبصورت لڳڻ لاءِ انجيڪشنز لڳرائيندي رهي آهي پر تازو ئي سندس انٽرويو بعد حقيقتون سامهون آيون آهن

اداڪارا صبور علي سوشل ميڊيا تي جاري بحث بابت وضاحت ڪئي آهي ته جيڪڏهن اڇو رنگ ڪرڻ لاءِ انجيڪشنز لڳرايان ها ته اڄ سڀني ٽي وي چينلز تي رڳو مان شوز ڪيان ها، سڀني ڊرامن ۾ رڳو مان نظر اچان ها پر ائين ناهي

صبور واضح ڪيو ته سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل تصوير اڇي رنگ بدران وٽامن جي هئي ڇو ته اسان ايترو ڪم ڪندا آهيون ته اسان جي چمڙي خراب ٿي ويندي آهي، اسان کي مسلسل ڪم ڪرڻو پوندو آهي ان ڪري اسان اِهي انجيڪشن توانائي لاءِ لڳرايون هيون

ھي به پڙھندا

اداڪارا صبا فيصل پنھنجي پٽ ۽ ننھن نيھا سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو