لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا صبا قمر عظيم خان سان شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب اداڪارا صبا قمر سوشل ميڊيا انسٽاگرام اڪائونٽ تي شادي وارو فيصلو واپس وٺڻ جي تصديق ڪئي. ان حوالي سان صبا قمر جو چوڻ آهي ته آئون عظيم خان سان شادي نه پئي ڪريان، اميد آهي ته مداح پڻ منهنجي فيصلي جي حمايت ڪندا ۽ منهنجو ساٿ ڏيندا. هن چيو ته عظيم سان شادي نه ڪرڻ جو سبب ذاتي آهي ڇاڪاڻ ته حقيقتن جو پتو پوڻ ۾ دير نه لڳندي آهي.