صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ ۾ سنڌ سلامت ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ ۾ شيرجا شاهين گگڙو شاهين کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪاميابي سان شروعات ڪئي.  ٽورنامينٽ جو افتتاح سيد گڊن شاهه، سيد ماجد شاهه ۽ مصرور مهر ڪيو. افتتاحي ميچ ۾ گگڙو شاهين پهرين بيٽنگ ڪندي 8 اوورن ۾ 72 رنز ٺاهيون جيڪو گدف شيروجا شاهين 5 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. 57 رنز ٺاهڻ تي عاشق آرائين کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو.