صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ لڳ ڳوٺ بخت علي ڀنڀرو ۾ گھر جي بجلي ٺاھڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب 28 سالن جو ميھر علي پٽ دلبر ڀنڀرو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. نوجوان جي فوت ٿيڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.