صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ ڀرسان ماشاءَ الله آئل مل وٽ مين روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ لونگ ڀنڀرو جو رهواسي 50 سالن جو دريا خان ڀنڀرو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.