صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ لڳ ڳوٺ گدرهارڙو ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب ٽن عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس پهچي ٻنهي ڌرين کي ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي سبب هڪ ڌر جا غلام عباس مهر، محمد اسماعيل مهر، مختيارخاتون، سويرا، ليلان ۽ ٻي ڌر جا محمد الياس ۽ محمد فاروق سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، فريادي ايندا ته ڪيس داخل ڪنداسين.