صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ جي صحافي اجي ڪمار لالواڻي جي قتل ڪيس ۾ ٻه وڌيڪ جوابدار گرفتار، سيد جميل شاهه ۽ سيد رضا شاهه کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، ان باري ۾ صالح پٽ پوليس ٻڌايو ته گرفتار ڪيل جوابدار اڪبر مڱريو جي نشاندهي تي سيد جميل شاهه ۽ سيد رضا شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار اڃا به فرار آهي جنهن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو، گرفتار ڪيل جوابدارن صحافي اجي ڪمار لالواڻي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.