صالح پٽ جي آبادگارن جو سيپڪو خلاف ڌرڻو، باهيون

0
165

صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ جي آبادگارن جو سيپڪو صالح پٽ عملي جي ناجائزين خلاف صالح پٽ روھڙي لنڪ روڊ بند ڪري ٽائرن کي باھ ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. مظاهري جي اڳواڻي علي گوھر ڀنڀرو, رحمان ڀنڀرو عبدالڪريم مهر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. مظاهرين دانهيدي چيو ته وابڊا سيپڪو صالح پٽ جا عملدار 24 ڪلاڪن مان فقط 6 ڪلاڪ بجلي هلائي 18 کان 19 ڪلاڪ هٿراڌو لوڊشيڊنگ ڪري بجلي بند ڪري ڇڏن ٿا جنهن ڪري چئنل ۾ پاڻي نٿو اچي ۽ وابڊا وارن لفٽ مشينن کي اسپيشل لائين ڏيڻ لاءِ آبادگارن کان لکين روپيا ورتا آهن، جڏهن ته اسان ڪورٽ ۾ به ويا آهيون ۽ ڪورٽ جو به حڪم آهي ته چئنلن کي اسپيشل بجلي ڏئي 24 ڪلاڪ بجلي هلائي وڃي ان جي باوجود واپڊا سيپڪو صالح پٽ انتظاميه بجلي بند رکي ظلم ڪري رهي آهي جنهنڪري اسان پوکيل فصل سڙي رهيا آهن مظاهرين مطالبو ڪندي چيو ته وابڊا سيپڪو صالح پٽ انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪري 24 ڪلاڪ بجلي هلائي ڏني وڃي ته جيئن اسان فصل جي پوکائي ڪري سگهون۔