صادق سنجراڻي گيلاني جي نااهلي وارو ريفرنس رد ڪري ڇڏيو

0
167
صادق سنجراڻي گيلاني جي نااهلي وارو ريفرنس رد ڪري ڇڏيو

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي يوسف رضا گيلاني جي نااهلي لاءِ داخل ڪرايل ريفرنس رد ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ جي سينيٽر اعظم سواتي وزيراعظم طور توشه خاني مان قيمتي گاڏيون ڪڍرائي ٻن اهم شخصيتن کي ڏيڻ تي ريفرنس داخل ڪرايو هو
ريفرنس ۾ چيو ويو هو ته يوسف رضا گيلاني وزيراعظم طور 2008 ۾ توشه خاني مان 4 گاڏيون ورتيون، انهن مان 3 گاڏيون آصف زرداري ۽ هڪ نواز شريف کي ڏني وئي
پي ٽي آءِ موقف اختيار ڪيو هو ته حلف جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي آرٽيڪل 63 اي تحت يوسف رضا گيلاني سينيٽ جو ميمبر رهي نه ٿو سگهي، چيئرمين سينيٽ ريفرنس جلد اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي
سينيٽ چيئرمين نااهلي ريفرنس رد ڪري ڇڏيو، صادق سنجراڻي پنهنجي رولنگ ۾ چيو ته يوسف رضا گيلاني تي الزام ايم اين اي ۽ وزيراعظم طور لڳا هئا، 3 مارچ 2021 تي سينيٽر چونڊجڻ بعد نااهلي واري ريفرنس جو جواز نه ٿو ٺهي
يوسف رضا گيلاني خلاف نااهلي واري ريفرنس تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو نه ٿو ٿئي