ڪراچي(شوبز نيوز) ماضي جي مشهور اداڪارا صائمانور پاران سينئر ۽ مشهور اداڪار نديم بيگ سان مداح بڻجي مذاق ۾ ڀاڪر پائڻ ۽ تصور ڪڍرائڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته صائما نور برقعو پهريو آهي ۽ هوءَ سينيئر اداڪار نديم وٽ وڃي تصوير ڪڍرائڻ جي فرمائش ٿي ڪري جڏهن ته اداڪارا پنهنجو چهرو ڍڪي رکيو آهي ۽ هر هر گهمندي ڦرندي مختلف اندازن ۾ تصوير ۽ وڊيو ٺاهڻ جي درخواست ڪندي رهي آهي.اداڪارا مداح بڻجي نديم جي ويجهو وڃي هٿن کي ڇهندي نظر ٿي اچي جڏهن ته ڀاڪر پائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ اداڪار نديم بيگ پري ٿيندي نظر پيو اچي.وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪارا زور ڀريندي تصوير بڻائڻ جي خواهش ڪري ٿي جڏهن ته اداڪار نديم پري ويندو نظر اچي پيو.