باقراڻي (ن پ ا) پ پ شهيد ڀٽو سنڌ پاران سنڌ حڪومت خلاف 24 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻو ڪراچي موٽر وي تي احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي ، اعلانيل احتجاجي ڌرڻي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پ پ شهيد ڀٽو جي صوبائي صدر زبير جتوئي ،  طاهر مغيري ۽ ٻين صوبائي اڳواڻن باقراڻي سميت لاڙڪاڻي ضلعي جي  مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سان ملاقات ڪري شرڪت جي اپيل پڻ ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي صوبائي اڳواڻ پريس ڪلب باقراڻي پهچي صحافي برادري کي ڌرڻي ۾ شرڪت جي پڻ اپيل ڪندي چيو ته  سنڌ حڪومت تازين برساتن ۾ سم شاخن کي ڪٽ هڻي سنڌ کي هٿ سان ٻوڙي سنڌي ماڻهن کي بي گهر بڻائي انھن کي متاثر ڪيو ويو ، ڌرتي ڌڻي بي يارومددگار کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، سندن واهر ناهي ٿي.