نوشهروفيروز: ايم پي اي شھناز انصاري کي 15 فيبروري 2020ع تي ڳوٺ مراد کوکر ۾ گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو. ايم پي اي پنھنجي ڀيڻوي ڊاڪٽر زاھد کوکر جي چاليهي جي موقعي تي ڄاڻايل ڳوٺ وئي ھئي ۽ جوابدار صديق کوکر ضمانتي ھو ته ڳوٺ اچڻ تي توکي ڪجھه به نه چيو ويندو، جڏھن ته ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن وقار جو اختر کوکر سان ملڪيت جي معاملي تي تڪرار ٿيو ھو ۽ اھا ملڪيت فوتي ڊاڪٽر زاھد کوکر جي ھئي، جنھن تي ڄاڻايل جوابدار مالڪي ظاھر ڪندي قبضو ڪيو ھو، جڏهن ته ايم پي اي شھناز انصاري ڊاڪٽر زاھد کوکر جي ملڪيت سندس ئي معصوم ٻارڙن کي ڏيارڻ جي خواهشمند ھئي.