شھدادڪوٽ (سٽي رپورٽر) شھدادڪوٽ ۽ ڀر پاسي گرمي وڌڻ ڪري شھر توڙي آسپاس ۾ ٿڌين شين جا اسٽال قائم ڪيا ويا آهن، شهر جي چوڌاري سڀني روڊن تي قائم ڪيل ٿاڌل جي اسٽالن تي هر وقت گرمي جي ستايلن جي رش رهي ٿي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گرمي کان بچڻ لاءِ ميونسپل انتظاميا کي شھر جي ھر چوڪ تي ٿڌي پاڻي جون ڪئمپون لڳائڻ گهرجن، جيئن شھرين توڙي مسافر ن کي ٿڌو پاڻي ملي سگهي.