شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) شھدادڪوٽ واسي نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا، ڌاڙيلن پاران 60 لک ڀنگ طلب، خبر موجب ڳوٺ نياز مگسي واسي 35 سالا اقبال مگسي ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم هو، جنهن جي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، ان ڏس ۾ مغوي جي والد گل بھار مگسي ٻڌايو ته ڌاڙيلن فون تي 60 لک روپيا ڀنگ گهريو آهي، هن ٻڌايو ته اغواڪارن ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ پٽ کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، هن چيو ته ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آهي پر پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي.