شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) شھدادڪوٽ سٽي جو ريلوي پارڪ ھن جديد دور ۾ به سھولتن کان محروم آهي، پارڪ ۾ ايندڙ شھري سھولتون نه ھجڻ سبب تفريح کان محروم بڻيل آهن، ان ڏس ۾ شهرين چيو ته شھدادڪوٽ شھر ۾ ھه ئي پارڪ آهي، جيڪو به سھولتن کان وانجهيل آهي، هنن چيو ته پارڪ ۾ ماڻهن جي ويھڻ لاءِ ڪا به جاءِ ناهي ۽ نه ئي ڪو پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ٿيل آهي، جڏهن ته پارڪ ۾ لڳل ڇٻر ۽ وڻن کي پاڻي ناهي ڏنو ويو، جنهن ڪري ڇٻر سڙي وئي آهي ۽ وڻ ڪومائجي ويا آهن، پارڪ ۾ واڪ لاءِ ٺھيل ٽريڪ جون سرون به اکڙي رھيون آھن، ٻڌايو پيو وڃي ته پارڪ جي ڪروڙين روپيا بجيٽ هجڻ سبب واسطيدار عملدارن جي عدم دلچسپي سبب اهو ويران بڻجي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ريلوي پارڪ کي سھولتون ڏئي شھرين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.