شهدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ ٽرڪ هيٺان اچي موٽر سائيڪل سوار نوجوان چيڀاٽجي فوت، وارثن ۾ ڪهرام، ٽرڪ ۽ ڊرائيور کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو. شھر جي هنڱورا چوڪ تي ٽرڪ موٽرسائيڪل مٿان چڙھي وڃڻ سبب ڳوٺ بقا ڏاهري واسي نوجوان احسان ڏاهري موقعي تي چيڀاٽجي سخت زخمي ٿي پيو. زخمي نوجوان کي فوري طور تي شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسپتال پهچايو ويو جتان طبي امداد ڏيڻ بعد نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو. جتي زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻئي طرف پوليس ٽرڪ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو.