شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور جي عدالت جهيڙي ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جوابدار عدالتي احاطي مان فرار، خبر موجب ڳوٺ عبدالمجيد آرائين ۾ ڦٽاڪا ڦاڙڻ کان روڪڻ تي حملو ڪري 5 گهر ڀاتين کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس جي جوابدارن حفيظ الرحمان آرائين ۽ ذڪاءُ الله آرائين ضمانت لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي، جيڪا عدالت رد ڪندي خارج ڪري ڇڏي، ضمانت رد ٿيڻ بعد جوابدار عدالت مان کسڪي ويا، جن کي عدالتي پوليس گرفتار ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي.