شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، هاف فراٰ جا چوٻول، پوليس موجب هالا روڊ تي سولنگي آباد وٽ جوابدارن پوليس مٿان  فائرنگ ڪئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ھڪ جوابدار نصير سولنگي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو فرار ٿي ويو، پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار مٿان ڊيوٽي اٽڪاءُ، پوليس مقابلي ۽ ناجائز هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، زخمي جوابدار کي سمس اسپتال بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، هوڏانهن چوٻول آهن ته ٻه ڏينهن اڳ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو، جن مان هڪ ڄڻي وزير علي سولنگي کي گذريل ڏينهن ٽنڊوآدم پوليس مقابلو ڄاڻائي هاف فراءِ ڪيو، جڏهن ته نصير سولنگي کي شھدادپور پوليس هاف فراءِ ڪيو آهي،