شھدادپور (رپورٽ: حميد کوسو) شھدادپور تعلقي ۾ پيل تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن انبن جي باغ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ايڪڙن تي مشتمل انبن جا باغ مڪمل طور ختم ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا تائين برساتي پاڻي بيٺل هجڻ ڪري باغائي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري هن سال انبن جو فصل گهٽ لهڻ سان گڏ باغائين کي ڪروڙين روپين جي نقصان جو پڻ انديشو آهي، هڪ اندازي موجب هن سال 50 سيڪڙو انبن جي پيدوار گهٽ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ايڪسپورٽ نه ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، هوڏانهن باغن ۾ بيٺل برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ سرڪار طرفان هن وقت تائين ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا، ايڪسپورٽ ڪوالٽي جي انبن جي باغ مالڪن قاضي فهد، وقار ڏيرو، عمران بوزدار موجب سال 2011 واري ٻوڏ وانگر 2022 جي ٻوڏ به نقصان پهچايو، تازين برساتن ۾ سندن باغ ۾ 7 فوٽن تائين برساتي پاڻي بيهڻ ڪري سوين ايڪڙ باغ متاثر ٿيا آهن، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ 50 کان 70 سالا پراڻا انبن جا وڻ سُڪي ٺوٺ ٿي ويا ۽ ڪيترائي پاڙان پٽجي ويا آهن، جڏهن ته بچي ويل وڻن ۾ هاڻي ميوو ڏيڻ جي سگھه نه رھي آهي، زميندارن موجب گذريل سال پاڻي جي شديد کوٽ باغن کي ڌڪ رسايو، رهيل ڪسر وري ٻوڏ پوري ڪري ڇڏي، باغائين ٻڌايو ته باغن جي ٿيل نقصان جي نتيجي ۾ هن سال 40 کان 50 سيڪڙو انب جي پيداور متاثر ٿيندي ۽ ايڪسپورٽ نه ٿي سگهندي، هنن چيو ته افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سرڪار پاران باغائين کي ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ ڪا به رٿابندي نه پئي ڪئي وڃي.