شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز اسپتال جي ملازمن مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف اسپتال جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي پيرا ميڊيڪل عملي جي اڳواڻن خالد ڌاريجو، محمد علي سرهيو، آفتاب خاصخيلي چيو ته اسپتال انتظاميا ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري 9 سالن کان سروس بُڪ فراهم نه ڪيا آهن، جڏهن ته آءِ ڊيز به ناهن کوليون ويون، هنن چيو ته 3 ملازم فوت ۽ هڪ ڊاڪٽر رٽائر ٿي چڪو آهي، جن جي وارثن کي ڪو به وظيفو يا پينشن ناهي ملي سگهي، هنن چيو ته چيو ته ريگيولر ڪرڻ جا ٺلها آسرا ڏنا پيا وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.