شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان ڄام برانچ مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ آيو آهي، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش ڪڍرائي تحويل ۾ وٺي سِمس اسپتال کڻائي آئي، ڊاڪٽر موجب مڙھ سڃاڻپ لاءِ مرده خاني منتقل ڪيو ويو آهي، لاش 4 کان 5 ڏينهن پراڻو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، لاوارث قرار ڏئي دفنايو ويندو.