شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان ناري مبينا اغوا، ڪيس داخل، ٻه جوابدار گرفتار، خبر موجب لُنڊو شھر مان ناري عليشبا ڌيءُ عبدالستار راجپوت مبينا طور اغو ٿي وئي، پوليس سندس ماءُ مسمات شميم راجپوت جي فرياد تي ٽن ڄڻن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو، فريادڻ ڄاڻايو ته عرفان لغاري، زمان لغاري ۽ ايوب لغاري گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي ڌيءُ کي زنا جي ارادي سان اغوا ڪري ويا آهن، ڌيءُ جي عمر 13 سال آهي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ڪاروائي ڪري الزام هيٺ آيل ٻن جوابدارن زمان لغاري ۽ ايوب لغاري کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت چئن ڏينهن جي رمانڊ تي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.