شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان سرن جي بٺي تي ڇاپو، 13پورهيت بازياب، خبر موجب لاڏائو قبيلي سان تعلق رکندڙ نظير اوڏ جي درخواست تي عدالتي حڪم بعد پوليس پلھه ڳوٺ وٽ سرن جي بٺي تي ڇاپو هڻي مبينا باندي بڻايل عورتن ۽ ٻارن سوڌو 13 مزدورن کي بازياب ڪرائي ايڊيشنل سيشن جج عبدالرحمان قاضي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، بازياب ڪرايلن ۾ گل منير اوڏ، امير اوڏ، لکمير، رياض، مهناز، نوابزادي، نوربانو ۽ ٻيا شامل هئا، بيان بعد عدالت پورهيتن کي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، پورهيتن موجب بٺي مالڪ محسن پٺاڻ اڃ ۽ بُک تي رکي جبري پورهيو وٺندو هو.