شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان زال سان جهيڙي بعد نوجوان پاران پاڻ مٿان پئٽرول هاري باهه ڏئي آپگهات جي  ڪوشش، 70 سيڪڙو جسم سڙي ويو، نازڪ حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل، خبر موجب ڳوٺ گل محمد ٿهيم ۾ زال مڙس جي جهيڙي بعد مڙس ممتاز ٿهيم گهر اندر پاڻ مٿان پئٽرول هاري باھ ڏئي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو سڙي سخت زخمي ٿي پيو، نوجوان کي سمس بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال نيو ويو، ڊاڪٽرن موجب نوجوان جو باھ سبب 70 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي، نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته گهر ۾ زال مڙس جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن تان نوجوان پهريان زهريلي جيت مار دوا پيئڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي روڪيو ته بعد ۾ هن پاڻ مٿان پئٽرول هاري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي،