شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھندڙ ٽائون ڪميٽي جٽيا جي وارڊ 2 جو اميدوار مهرالدين  جسڪاڻي دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو، اميدوار جي فوت ٿيڻ سبب ڄاڻايل وارڊ ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي، ان سلسلي ۾ آر او بابر خان نظاماڻي موجب اميدوار جي فوت ٿيڻ بابت اليڪشن ڪميشن کي آگاھ ڪيو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عملدرآمد ڪيو ويندو،